درويش ڀِرڪيي لنگ جو مڪان

درويش ڀِرڪيي لنگ جو مڪان: هي اسلامي دؤر جو يادگار آهي، جيڪو مڪليءَ ۾ واقع آهي. درويش ڀرڪيي لنگ جو مڪان، مڪليءَ جي دامن ۾ هو، جتي نغارا وڄائيندو هو. درويش ڀرڪيو لنگ اصل ۾ مشهور رازو هو، جنهن قبرستان جون ڪافي قبرون جوڙيون هيون. هو وڏا وڏا منارا ۽ قبا ٺاهيندو هو ۽ رات جو انهن تي ڏيئا ٻاريندو هو. اهي ڏيئا ڏسي سامونڊي جهاز بندرن تي لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ جهازران سندن اڳيان نذرانا رکندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو